اسلام آباد ??? 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر سڃاڻپ نه هئڻ جي ڪري پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 40 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، وقت سر سڃاڻپ، علاج ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري موت جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بريسٽ ڪينسر جي آگاهي مهم جي سلسلي ۾ پاڪستان ايئر فورس اسپتال ۾ ٿيندڙ بريسٽ ڪينسر آرگنائيز تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بريسٽ ڪينسر عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿ??ڻ واري ڪينسر آهي، وقت سر سڃاڻپ ن?? هجڻ سبب پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 40 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، بيگمه ثمينه عارف علوي چيو ته ماڻهن ۾ بريسٽ ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري موت جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، اهڙين تقريبن جو مقصد عورتن ۾ ان مرض جي علامت جي باري ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي، هن چيو ته ميڊيا ان مرض جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.