اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راع??م عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وز??راعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ و??جها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وز??راعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب وز??راعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وز??راع??م عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.