اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته تعليمي سا?? 21 -2020ع لاءِ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ آن لائن پو??ٽل کوليو ويو آهي، ملڪ جي 119 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ انڊر گريجوئيٽ پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورا شاگرد اسڪالرشپ ڏيڻ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، جن شاگردن جي فيملي انڪم 45000 روپين کان گهٽ آهي احساس اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، اهل ۽ مستحق شاگر آن لائين پو????ل https://ehsas.hec.gov.pk جي ذريعي درخواست ڏئي سگهن ٿا، اسڪالرشپ درخواست ۾ لاڳاپيل يونيورسٽين جو نالو لکڻ ضروري آهي، تعليمي سا?? 20 -2019ع ۾ مجموعي طور تي 4.827 ارب روپين جي لاڳت جون انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ?? شاگردن ۾ ورهايون ويون، وزيراعظم عمران خان 4 نومبر 2019ع تي ”احساس اسڪالرشپس پروگرام“ جو باضابطه افتتاح ڪيو هو، ان پروگرام ت??ت هر سا?? گهٽ آمدني وارن گهراڻن سا?? تعلق رکندڙ 50000 انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا، ان چار سا??ه پروگرام مان 200000 شاگر مستفيد ٿيندا.