اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ ??ڻڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ??ي فروغ سان ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳا??ڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، زراعت پاڪستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، پاڪستان موجوده حڪومت جي ??انشمنداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو ??ڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪري صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ ??ڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي ??لاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي، اها ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، اسان ان ڊيٽا جي ??جزيه سان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.