اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترجيحي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ڪندي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپڪس ڪمي??ي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قري??ي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو ??ورنر رضا باقر، وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر معيد يوس??، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ ع??لد??رن شرڪت ڪئي. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.