اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ?? ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هوم هتي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئرمين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آهي، هن سفير کي چ??و ته ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينمارڪ جي سفير ڊپٽي چ??ئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چ??و ته پارلياما??ي وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي.