اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪس??ان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وز??را??ظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪس??ان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي تشخص کي وڌائڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده ه??دس??ان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.