اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک، پاڪستا?? جي خوشي اسا?? جي خوشي آهي، ترڪي ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهي?? جي ذريعي حل جي موقف تي قائم رهندو، ڪشمير مسئلي جو حل طاقت يا ڏاڍ جي پاليسين سان نه پر انصاف ۽ حقيقت?? جي اصولن سان ممڪن آهي، پاڪستان سان ازل کان جاري اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا قيامت تائين قائم رهندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان پاڪستان سان آئنده به تعاون جاري رکنداسين، سرحدون ۽ فاصلا مسلمان?? جي دلي?? جي وچ ۾ ديوار نٿا بڻجي سگهن، سڄي دنيا جي مسلمان?? جي ڏک درد ۾ شريڪ ٿي?? ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف انهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، اسان جو ايمان آهي ته ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي، مسلمان ا??ت دهشتگردي، جنگين، مذهب پرستي، مفلسي ۽ غربت جي بار هيٺيان د??يل آهي، پاڪستان ترڪي ۽ خوشحالي جي سفر طرف روان دوان آهي، اقتصادي ترقي جو عمل ڏينهن ۾ نٿو اچي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته مون پاڪستا?? جي عوام جي معزز نمائند?? جي موجودگي ۾ پنهنجي سمورن ڀينرن ۽ ڀائرن کي وڏي عزت ۽ احترام سان محبت جو سلام پيش ڪريان ٿو