اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفي?? جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيرا??ظم پنهنج?? چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار انتظامن ت?? چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وزيرا??ظم چيو ته چين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون انهن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پي??) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير نگران وزيرا??ظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.