اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي لا??ِ هڪ سازگا?? ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پ??رليامينٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪشمير ??ابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪشميري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏن?? ته اهي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لا??ِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ??ي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پرڏيهي وزير پ??ڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي تعلق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.