لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين ۾ شاگ??دن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آڪسفورڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ مفڪرن جي ميزباني جي لاءِ مشهور آهي، ان و??يراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪسفورڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران و??يراعظم سان هڪ انٽر ايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ۽ عالمي مسلئن تي سندس ويزن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران و??يراعظم سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگ??دن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اسڪالرز جي اڳئين نسل سان و??ڳيل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران نگران و??يراعظم پاڪستان جي معيشت، سياست، سلامتي ۽ پاڙيسري ملڪن س??ن لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪسفورڊ يونين جي آفيس ۾ نگران و??يراعظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کان نگران و??يراعظم آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سين??ر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران و??يراعظم کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلا??ي تهذيب جي مطالعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اها تقريب فڪري مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالمي حصيداري ۽ فڪري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نگران و??يراعظم جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.