اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي ل??ڳا??ن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه پا??ستان ۾ برطانيا ۽ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پي?? ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جد?? جد?? ملاقات ڪئي. پا??ستان ۾ برطانيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان برطانيا سان پنهنجي پراڻي ل??ڳا??ن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري ل??ڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ پا??ستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا ل??ڳا??ا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پا??ستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي ل??ڳا??ن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چيو ته پا??ستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته پا??ستان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پا??ستان ۾ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي صدر ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن ل??ڳا??ن جي لاءِ پا??ستان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي ل??ڳا??ن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پا??ستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.