باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪند?? چيو آهي ته موجو??ه چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيج??ن جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران آذربائيج??ن جي صدر الهام عل??وف سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گوادر جي ذريعي ويجهي ملڪن سان واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون، اسان آذربائيجان کي پاڪستاني چانور جي برآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته آذربائيج??ن جي قومي ايئرلائين اسلام آباد جي لاءِ اڏام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته آذربائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، روس يوڪرين تڪرار جي ڪري عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو آذربائيج??ن جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو آذربائيج??ن جي صدر جي ويزن کان تمام گهڻو متاثر آهي، آذربائيجان سان لاڳاپن جي فروغ کي اهم سمجهون ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي صورتحال کي اجاگر ڪند?? چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار تي آذربائيجان پاران سدائين پاڪست??ن جي موقف جي تائيد کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيج??ن جي صدر کي پاڪست??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. آذربائيج??ن جي صدر الهام عل??وف چيو ته ملاقات ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ تعليم، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آذربائيج??ن جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري جي آجيان ڪند?? چيو ته دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۾ اضافو ڪيو ويندو.