ڪراچي – 14 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي حوالي سان ڪراچي ايئرپورٽ جي بندش جون خبرون درست نه آهن. سول ايوي ايشن جي ترجمان مطابق خواب موسم جي اڳڪٿي جي صورت ۾ ايئرپ??رٽ?? تي طئي ٿيل ايس او پيز جي تحت حفاظتي قدم کيا ويندا آهن. ايئر پ??رٽ?? تي هوا جي رفتار ۽ موسم جي حوالي سان پائلٽس کي مسلسل باخبر رکڻ معمول جي ڳالهه آهي. غير معمولي حالتن ۾ پائلٽس زميني ۽ موسمي حقيقت کي ڏسندي ٽيڪ آف يا لينڊنگ لاءِ ويجهي موزون منزل جو فيصلو ڪندو آهي. ترجمان مطابق سول ايو ايشن ان حوالي سان ايئر لائنز ۽ پائلٽس کي پهرين ئي احتياظ ڪرڻ جو هدايت نالو جاري ڪري چڪي آهي. خراب موسم ۾ ايئر لائنز طرفان شيڊولز ۾ خلل پهچي سگهي ٿو..