پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ ک??ن بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل مح??وظ بڻائي سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وزيراعظم مح??د شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وطن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ ک??ن بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، گذريل ??ار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل مح??ت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل مح??وظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستانين وزيراعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.