پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊا??ٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پ??ڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ڊا??ٽر الجاسر جا ٿورا مڃيا. هن ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پ??ڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊا??ٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ ق??ئداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پ??ڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪر?? سان گڏوگڏ حڪومت جي پ??ئيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪر?? ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم ڊا??ٽر الجاسر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي قائم ڪر?? ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪر?? جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪر?? جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪر?? جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.