اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته ترقياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ??يندو. هن هدايت ڪئي ??ه ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ??ڃي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي معيار کي نظر ۾ رکيو ??ڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ??ابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ??يو.