اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀ??ئراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌ??ڪ مستحڪم ٿيندا. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پن??نجي ڀاءُ صدر طيب اردوان جي دعوت تي ان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي رهيو آهيان، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران کيس ان جي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندس. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀ??ئراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ گهرا ٿيندا. اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ايندڙ ستون اجلاس اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪندو. هن چيو ته اسان کي اڃا پن??نجي گهڻ رخي لاڳاپن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻو آهي ۽ ان رخ ۾ ڪوششون جاري آهن.