اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي شه??دن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شه??دن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ انهن جي ??ب الوطني جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شه??دن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 4 مئي تي ديردوني اتر وزيرستان ۾ شه??د ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻول??ه ڪئي. صدر حوالدار سليم ۽ نائيڪ جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻول??ه ڪئي. صدر سپاهي بسم الله جان، سيد رجب ۽ حضرت بلال جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪئي. ڊاڪٽ?? عارف علوي شه??دن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم پاران شه??دن جي خاندانن جا ٿورا مڃيندي انهن جي ??ب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شه??دن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.