اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن وارو ??ال??ي ڪنوينشن پ??رل??امنٽ هائوس ۾ شروع ٿي ويو. قومي اسيمبلي هال ۾ افتتاحي سيشن ۾ سعودي عرب، ايران، آذربائيجان، شام ۽ بئلجيم جي اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز، چيئرپرسنز سميت سريلنڪا، لبنان، اومان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي پ??رل??اماني وفدن سميت وفاقي وزيرن، پ??رل??امنٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته آئين ڪنهن به رياست لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ دستاويز آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزن تحت 1973ع جو آئين جوڙيو ويو. هن چيو ته ان ئي سبب پاڪستان پنهنجي سڀني وفاقي ايڪن سان قائم ۽ دائم آهي. آئين ۾ انساني حقن، ٻارن جي تعليم، رياستي ادارن جي اختيارن جي تقسيم، پ??رل??اماني ۽ سياسي نظام ۾ عورتن جي شمول??ت جي حوالي سان سڀني معاملن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو تها ڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو به سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جو آئين پ??رل??اماني جمهوري آهي. هن آئين جي شروعات جو ذڪر ??ندي چيو ته اقتدار اعليٰ الله ت??ال??ٰ جي ذات وٽ آهي جنهن کي لاڳو ڪرڻ چونڊيل نمائندا آئين جي اختيارن تحت ڪندا آهن. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي هال ۾ ڪنوينشن جي سڀني نمائندن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف سان گڏ گروپ فوٽو ٺهرايو.