لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دولت مشتر??ه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ مو??ب ملاقات دولت مشتر??ه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت مشتر??ه جي اڳواڻن جي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرا??ي ته پاڪستان سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ??ه جيئن تنظيم کي ماحولياتي ??بد??لي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ مو??ر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن ويلٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏني. دولت مشتر??ه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.