اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بل جو مقصد اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. صدر پير ر??شان انسٽيٽيوٽ آف پراگريسو سائنسز ??ينڊ ٽيڪنالاجيز ميران شاهه بل 2023ع جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي آهي. بل جو مقصد ميران شاهه خيبرپختونخواهه ۾ پير ر??شان انسٽيٽيوٽ جو قيام آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلز جي توثيق آئين جي آرٽيڪلز 70 ۽ 75 تحت ڪئي آهي.