اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي. آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي ??والي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي ??ظيم قائد ۽ آئين جي خ??لق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خ??اج تحسين پيش ڪريان ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي ??اريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ وڃايو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿي جن آئين ۽ جمهوريت جي ??ن سفر ۾ پنهنجي ??انين جو نذرانو پيش ڪيو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي ??ئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي ??هنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي ??مورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي. هن چيو ته هي شهيد ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي ??ئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.