اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي ??رڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي ??چ ۾ سفاري ل??ڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي ??يادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي س??ن پاڪستان جي ??يجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ سفارتي ل??ڳاپن جي تجديد پوري خطي جي ل??ءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي ل??ءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي ل??ڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.