اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وز??راعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي و??يلن جي بيورو جي اسس??نٽ سيڪريٽري جيفري پياٽ وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ آمريڪي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وز??راعظم پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. اسس??نٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائي جي پاليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وز??راعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسميات?? تبديلي جهڙن شعبن ۾ جاري ڳالهين ۽ تعاون جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي ترقي، توانائي جي حفاظت، ٻوڏ کان بحالي جي ڊگهي مدي و??ري ڪوششن ۾ حصيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي و??جايو ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي جي ترجيحن، قابل تجديد توانائي جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس بابت اسس??نٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي، وز??راعظم کي ٻڌايو ته هوءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ميٽنگس جي لاءِ هڪ وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال ج?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا بابت پرنسپل ڊپٽي اسس??نٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل هئا. سينيئر آمريڪي سفارتڪارن بائيڊن انتظاميا جي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسميات?? تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي و??رو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، موسميات?? تبديلي و??ري وفاقي وز??ر شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي وز??ر احسن اقبال، پاور وارو وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير، وز??راعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ، وز??راعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خان ۽ سيد فهد حسين پڻ موجود هئا.