اسلام آباد – 22 – مارچ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين سر جوڙجڪ نئين حڪومتن جي قيام جي ڪري ڪئي وئي. پنجاب مان توانائي، صنعت، واپار، سيڙپڪاري ۽ هنرسازي واري وزير احسن تنوير ۽ خيبرپختونخواهه مان ناڻي ۽ توانائي واري صلاحڪار حمايت الله خان کي م??مبر طور قومي اقتصادي ڪائونسل مقرر ڪيو ويو آهي. صدر نئين سر جوڙجڪ جي م??ظوري آئين جي آرٽيڪل 156 (1) تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي.