اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ??ه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان لاڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي لاءِ انهن قانونن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهي ه??ي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پاڪست??ن ??ليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪست??ن ??نفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان لاڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪست??ن ??راڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان لاڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ وزارت ترميمن کانپوءِ انهن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. هن چيو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت کي ه??ايت ڪئي آهي ??ه اها ترميمون ڪرڻ ک??ن ??ڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري. وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ه??ايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت صحافين جي تحفظ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ??ن ??والي سان ڌرين سان مشاورت جاري آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن ک??ن ??نفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي انهن کي پارلياماني معاملن واري ڊويزن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ ميڊيا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي تحفظ بابت ڪيسن جي اڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي پوليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي ه??ايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي ه??ايت ڪئي ته گهرو وزير ايندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ جي لاءِ و??ارت پاران کنيل قدمن ک??ن ??گاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان هو ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) بل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي محمد جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ??ن ??ي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان موسيٰ زئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.