اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي معا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تبا??ي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معا??لن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي برادري ک?? درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.