اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? سڄي دنيا ۾ رهن??ڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کي پيش ڪرڻ، پاڪستان جي ثقافتي ۽ سماجي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ عالمي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ پاڪستان پاران ڏنل قربانين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ۽ اجتماعي طور تي ڪوشش ڪن، پاڪستان جي 40 سالن کان 40 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ??ان گڏوگڏ هندستاني قابض فوج پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلم پڻ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلپنگ هارٽس، ڪيئرنگ سولز ۽ اي پي پي اي سي (ايپڪ) جي وفد ??ان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين جي تنظيمن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ميزبان ملڪن جي سياستدانن، عوامي راءِ ٺاهيندڙن ۽ ميڊيا ??ان مڪمل اعتماد ۽ فخر ??ان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اليڪٽرانڪ ذريعن ۽ آءِ تي ٻڌل سهولتن مان فائدو کڻن ته جيئن قومي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي قابل قبول بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت مثبت راءِ کي فروغ ڏئي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان وٽ فعال ۽ محنتي انساني وسيلا آهن، اهو سمورن معاملن، چئلينجز ۽ وسيلن کي ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر جي جمهوري طريقن ??ان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن ??ڌيڪ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ وانگر ان جا به پنهنجا مسئلا آهن، تنهن ڪر?? سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي معذرت وارو انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي وسيلن ??ان 40 ملين افغان پناهگيرن جي بي مثال مهمان نوازي ڪئي. ان جي ابتڙ اولهه جي ملڪن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا ۽ يوڪرين جي پناهگيرن کي قبول ڪرڻ ۾ واضح امتيازي سلوڪ جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ٻين ملڪن جي پناهگيرن کي بي دلي ??ان سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويو. صدر چيو ته جيڪي ملڪ ا??ان کي اخلاقيات جو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن کي پنهنجي طرز عمل تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ٻاهرئين ملڪ منتقل ٿين??ڙ پاڪستانين کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪيا آهن ۽ انهن جي ٻين ملڪن طرف هجرت جي ڪري ان کي برين ڊرين جو نتيجو ڀوڳڻو پيو آهي. هن ??اهرئين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي دان??، علم ۽ مهارت جي مختلف طريقن جي ذريعي پاڪستان منتقل ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ??ا. صدر سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي بچت ۽ مٽاسٽا جي ناڻي کي مناسب بئنڪنگ چينلز جي ذريعي موڪلڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.