جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي ??اڪ??تان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. وزي??اع??م ان ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندو. ??اڪ??تان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏيندو. ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ وزي??اع??م ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شر??ت ڪندا. وزي??اع??م ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزي??اع??م سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪونسلر اگنازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزي??اع??م ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايدمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏ??ڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪندو.