اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته اها ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ سان گڏوگڏ ثقافت جي فروغ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي، نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ ??و جذبو ۽ ولولو موجود آه??، پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي و??ڻو آهي ته ان جي ڪُنجي اسان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آه??. ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??، نوجوانن شارٽ فلمز جي ذر??عي پاڪستان جو مثبت تشخص دنيا آڏو آندو. هو نيشنل ايميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڪابينا ميمبر، پارليامينٽرين، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نيشنل ايميچور فلم فيسٽيول ۾ بهترين فلمون تيار ڪري نوجوانن اسان جا ڳاٽ ??خر سان بلند ڪري ڇڏيا آه??، نوجوانن ڏينهن رات محنت ڪري هن معاشري ۾ پاڻ پنهنجو مقام ٺاهيو آه??، ايوارڊ کٽيندڙن اڄ جي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آه??، ڪامياب ٿيندڙن حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آه??. هن سلطان احمد بند سلائم جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته ان جو تعلق اسان جي دوست ملڪ سان آه??، ان کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ ناليج جو دور آه??، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ ??و جذبو ۽ ولولو آه??. هن چيو ته نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين شارٽ فلم جي ذر??عي پاڪستان جو حسن، قديم ورثو، درياءَ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي خوبصورتي سان عڪاسيڪ ئي ۽ دنيا کي ڏيکاريو آه??، جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي و??ڻو آهي ته ان جي ڪنجي اسان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آه??، ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??. هن چيو ته پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 سلا ٿي ويا آه??، پر قائداعظم جو خواب پورو ناهي ٿيو، قائداعظم جي خواب کي اسان جي نوجوان نسل کي ئي پورو ڪرڻو آه??، نوجوان نسل ئي پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آه??. هن چيو ته اتحادي حڪومت پاران يقين ڏياريان ٿو ته هتي فلم انڊسٽري بابت جيڪي نقطا اٿاريا ويا آه?? انهن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته 60ع، 70ع، 80ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ڊرامن جي پنهنجي اهميت هئي، فلم انڊسٽري ۽ ڪلچر ۾ بيشمار ڪم ٿيو، اهو به وقت آيو جڏهن فلمون ٺهڻ ??ند ٿي ويون ۽ سئنيما بند ٿي ويا. هن چيو ته اڄ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو جيڪا پوري پاڪستان مان ٽيلينٽ کي سامهون آڻيندي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي مخاطب ڪندي چيو ته فلم فيسٽيول ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ 15 نوجوانن کي اسڪالرشپ تي موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آه??، اهو انگ تمام گهٽ آه??، ان جو انگ 50 ڪيو وڃي جنهن ۾ 25 ٻار ۽ 25 ٻارڙيون هجن.