اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو وي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ ??هيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو وي?? آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن تي قاتلاڻي حملي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور ت?? ا?? حملي جي مڪمل جا??، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.