اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ بابت وفاقي وزير ۽ سين??ٽر شي??ي رحمان چيو آهي ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ا??ادو ڪرڻو پوندو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ڪلائمينٽ فائنانس بابت ٽائمز لائنز مقرر ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن شرم الشيخ ۾ ڪاپ 27 ۾ پاڪستان پويلين ۾ ”دي لاسٽ اينڊ ڊي ڊيميجڊ“ جي عوام سان سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ا??ادو ڪرڻو پوندو، ڪاپ 27 ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته ماحولياتي تبديلي سان نقصان جو ا??الو اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان عالمي پليٽ فارم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر ملڪ کي ويٽو جو حق حاصل آهي، اسان جو مطالبو آهي ته گلوبل نارٿ گلوبل سائوٿ کان اڳيان وڌي فوري قدمن جو تعين ڪريون جيڪو ماحولياتي خطرن کي نئين فرنٽ لائن جي چائنٺ تي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته دنيا پنهنجي عملي قدمن کي يقيني بڻائي.