رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل بابت گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب ۽ عالمي دنيا کي انهن م??قع?? مان فائدو کڻڻ گهرجي، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو هي فورم وڏي اهميت رکندڙ آهي، مستقبل جي حوالي سان سعودي قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ولي عهد محمد بن سلمان نه رڳو سعودي عرب پر ٻين ملڪ?? جي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحرڪ آهي، اسان کي بهتر مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان وٽ ذريعا ۽ ٽيڪنالاجي موجود آهي، ان جا سڀ کان وڌيڪ اثر انسانيت تي پوندا، هن وقت ٽيڪنالاجي ت?? حقيقي منتقلي جو وقت آهي، ان م??قع?? مان فائدو کڻندي اسان سماجي، معاشي، موسمياتي تبديليون آڻي سگهون ٿا، قدمن ۽ انوويش?? جي ذريعي ان تبديلي کي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستاني پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل بابت گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، معيشت جي بهتري لاءِ اي ڪامرس جو فروغ لازمي آهي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ عورتن جو بااختيار هجڻ ضروري آهي، معيشت جي بهتري لاءِ عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا، اسان شاگردن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ وظيفا ڏنا، آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ وقت سر ادائيگيون يقيني بڻايون، مستحق نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپ مفت ورهايا، لاهور ۾ هائي ٽيڪ سيف سٽي قائم ڪيو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمارٽ اسڪول قائم ڪيا، پاڪستا?? جي آبادي جو وڏو حصو نوجوان طبقي ت?? ٻڌل آهي، اهي نوجوان ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان فري لانسنگ جي حوالي سان چوٿون وڏو ملڪ آهي، پاڪستا?? جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿي، سڀني جي لاءِ صحت جي سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، اسا?? جي حڪومت نوجوانن کي انوويش?? جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو وڏو چئلينج آهي، ڪارب?? جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلي?? جي ڪري پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ٻوڏ جي ڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿيو، موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪ?? جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک متاثر جڏهن ته 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، ٻوڏ سان پاڪستان ۾ لکين گهر تباهه ٿيا، ٻوڏ سٽيل?? جي مدد ل??ءِ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪ?? جي امداد تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ شمسي ت??انائي جو منصوبو متعارف ڪرائي چڪا آهيون، شمسي ت??انائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهيون، حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ شمسي ت??انائي حاصل ڪرڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي، اسان شمسي ۽ هوا جي ذريعي ت??انائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهيون، سعودي عرب ۽ عالمي دنيا کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي م??قع?? مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده دور جي ڪلين انرجي انتهائي اهم آهي، اسان بهاولپور ۾ هڪ هزار ميگاواٽ جي پيداواري صلاحيت وارو سولر پارڪ قائم ڪيو، اسان تيل ۽ گئس درآمد ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ ان جون قيمتون بلند ترين سطح تي وڃي رهيون آهن، پاڪستا?? جي معيشت اسرندڙ ملڪ هجڻ جي حيثيت سان وڏو درآمدي بل برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اسان ريلوي، بندرگاهن سميت ٻيا بنيادي ڍانچا بهتر بڻائي رهيا آهيون، اسان نجي ڪاروباري ادار?? جي معيشت ۾ شموليت کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ هايئر ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز آهن، انهن مان ڪنهن هڪ يونيورسٽي ۾ سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪري سگهجي ٿو جنه?? جي ذريعي پاڪستان ۾ مارڪيٽ جي ضرورت موجب اسا?? جي نوجوان?? جي انوويش?? جي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.