اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مت??ده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مت??ده جي وفد وفاقي حڪومت جي ٻوڏ مت??ثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قد??ن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مت??ده قومي موومينٽ پاڪستان جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ وفد ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير فيصل سبزواري، سنڌ جو گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ۽ وسيم اختر شامل هئا. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خوا??ه سعد رفيق پڻ موجود هئا.