ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ها??ي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بل??چس??ان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي امداد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ ها??ي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي امداد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ ها??ي تائين 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي امداد ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي مالي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي ه??اي??ن تي نادرا سنڌ ۽ بل??چس??ان جي ڪجهه ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري ??و شرط به خت?? ڪري ڇڏيو آهي ۽ ها?? انهن متاثر علائقن ۾ به ٻوڏ متاثر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.