اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي مو??عي تي پهرين آئين ساز اسيمبلي جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ عورت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي اهتمام هيٺ عورتن جو ڪنوينشن قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪئي. ڪنوينشن ۾ موجود ۽ اڳوڻي عورت پارليامينٽرين زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن جو موضوع مرڪز يقين شاد باد هو. اجلاس دوران ڪنوينشن ۾ شريڪ عورتن کي قومي اسيمبلي ۾ عورت پارليامينٽرين جي گروپ وومين ڪاڪس جي حوالي س??ن ٻڌايو ويو ته 2008ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده مرزا اسپيڪر بڻي ته ان وومين ڪاڪس جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد عورتن جي حقن جي لاءِ قانونسازي ڪرڻ هو. وومين ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجو نالو ڪمايو. هو جمهوريت جي لاءِ شهيد ٿي تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري وئي. جڏهن ته اجلاس ۾ اهو وچن ورجايو ويو ته اسان م??ڪ جو دفاع ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جو دفاع ڪنداسين. گلگت بلتستان سان لاڳاپيل سعديه دانش چيو ته حضرت خديجه ڪبريٰ ۽ حضرت فاطمه الزهره جي بي مثال جدوجهد ۽ عظيم قربانين سان تاريخ رقم ٿي آهي. اهڙي طرح محترمه فاطمه جناح ۽ ٻين عورتن تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. محترمه نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي، جڏهن ته ان م????عي تي ڊاڪٽر رٿ فائو کي به خراج عق??دت پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي س??ائين سازشن ۽ نفرتن کان محفوظ رکي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کانپوءِ جن به ناليوارين عورتن ۽ گمنام عورتن قربانيون ڏنيون انهن کي خراج عق??دت پيش ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر نعيمه ڪشور خان چيو ته قانون ته تم??م گهڻا ٺهن ٿا پر هاڻي اسان کي انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نزهت شيرين چيو ته ڊائمنڊ جوبلي جي مو??عي تي عورتن جو ڪنوينشن م??عقد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. نرگس فيض ملڪ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سڀئي سياسي پارٽيون اهو وچن ڪن ته عورتن کي س??مائيدار طور تي نه پر وفاداري جي بنياد تي ٽڪيٽ ڏني ويندي. ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره چيو ته اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، اسان کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ۽ منهنجي سڃاڻپ مهاجر آهي، آئون انهن جي نمائندگي ڪريان پئي، پاڪستان کي اسان ٺاهيو آهي جنهن تي شاهده رحماني چيو ته منهنجا ابا ڏاڏا به هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا. نامياري سماج سڌارڪ طاهره عبدالله چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان اسان ڏسون پيا ته وومين ڪاڪس پوري طرح فعال ناهي رهيو ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. ٽرانس جينڊر جي نمائندگي ڪندي ببلي چيو ته اسان کي پهريون ڀيرو هن ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي سڃاڻپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٽرانس جينڊر جي تحفظ لاءِ قانون م??جود آهي ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته هن ايوان ۾ عورتن وانگر ٽرانس جينڊر لاءِ به ڪوٽا مخصوص ڪئي وڃي، هي اسان جو به پاڪستان آهي. جڏهن ته طاهره اورنگزيب اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ايوان جا دروازا عام عورتن کي به لاءِ کوليا آهن. هن ڪنوينشن ۾ سمورين عورتن جي شريڪ ٿيڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته نرگس فيض جو اهو جملو تمام وڏو آهي ته سياسي پارٽين کي وفاداري جي بنياد تي عورتن کي ٽڪيٽون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته آئون ان مطالبي جي ۽ ٽرانس جينڊر جي لاءِ سيٽ مخصوص ڪرڻ جي به حمايت ڪريان ٿي. سحر ڪامران چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سوات تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جو اعلان پنهنجي آخري خطاب ۾ ڪيو هو. وجيها اڪرم چيو ته عورت ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته ان کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊپٽي اسپيڪر شاهين ڪوثر ڊار، سينيٽر روبينه خالد، سينيٽر رخسانه زبيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڪنوينشن ۾ قرارداد پيش ڪندي چيو ويو ته عورتن جو هي ڪنوينشن ڊائمنڊ جوبلي جي مو??عي تي تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عورتن کي خراج عق??دت پيش ڪري ٿو ۽ ڪنوينشن مطالبو ڪري ٿو ته عورتن کي قرآن ۽ سنت موجب حاصل حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. جڏهن ته ان کانسواءِ عالمي ڪنوينشن تحت عورتن کي جيڪي حق حاصل آهن انهن کي به يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته قرارداد کي اتفاق راءِ سان م??ظور ڪيو ويو.