اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف ڊيرا غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري تي ڊيرا غازي خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي مددگار عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض ??حم??د خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز گڏ آهن. وزيراعظم کي اتان جي ٻوڏ متاثرين جي جاري مدد تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ند??. وزيراعظم ڊيرا غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات به ڪندو.