اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، ضرورت جي 5 بنيادي شين کي ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪ??و ويو آهي، ڄاڻايل سبسڊي يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي پوري ملڪ ۾ غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي صدا??ت ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪ??و ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪ??و ويو ته اٽي، کنڊ، گيهه/ کاڄرو تيل، دالين ۽ چانور جي بازار کان گهٽ اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي پڻ منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يوِٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن ??ه صو??ت ۾ منظور نه آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي انگ ۾ اضافي جو ٺوس منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪ??و وڃي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي کي هن وقت ريليف جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پيڙهيل طبقي جي ريليف جي لاءِ حڪومت هر قيمت خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پيڙهيل طبقي کي ضرورت جي شين تي ريليف حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم سبسڊي جو نظام شفاف ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مختلف قسم جي سبسڊيون گڏ ڪري هڪ ٺوس نظام بڻا??و وڃي ۽ خصوصي طور تي پيڙهيل طبقي کي ريليف جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ ناڻي، وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ عربت جي خاتمي واري وفاقي وزير کي تعاون سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي يوٽيلٽي اسٽورز تي ڏني ويندڙ سبسڊي، پيڙهيل طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي، يوٽيلٽي اسٽورز جي سڄي ملڪ ۾ انگ ۾ واڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سستي اٽي جي فراهمي جي پروگرام تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ملڪ ۾ هن وقت 3822 اسٽورز کي سڌوسنئون ۽ 1380 فرنچائيز هلائي رهيو آهي جڏهن ته 30 جولاءِ تائين بلوچستان، سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب م 300 کان وڌيڪ نوان اسٽورز ٺاهيا ويندا. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ريليف پئڪيج تحت هيستائين 11 ڪروڙ 30 لک مستحق ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن جن کي في ڪلواٽي تي 60 رپيا، کنڊ تي 21 رپيا، گيهه تي 250 رپيا جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 15 – 20 رپيا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، سبسڊي جو طريقيڪار ڊجيٽل آهي جڏهن ته نادرا ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ڊيٽا سان واڳيل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 942 يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي 1000 نوان سيل پوائنٽس ۽ 200 موبائيل اسٽورز جو اضافو ڪيو پ??و وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي حوالي سان ٻڌا??و ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي رمضان م دوري ۽ خصوصي هدايتن تحت بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي بازار کان رعايت تي فراهمي کي يقيني بڻايو پ??و وڃي جنهن جي لاءِ نه رڳو يوٽيلٽي اسٽورز پر موبائيل اسٽورز پڻ قائم ڪيا ويا اهن جن جي ڪري ڏورانهن علائقن تائين سبسڊي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل نظام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي کي ساراهيو.