اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀ??رتي سفارتڪار کي گهرائي شديد اح??جا?? رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي ر??يو آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري ات?? فوري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏئي ر??يو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته ڀارتي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀ??پور مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀ??رت ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀ??رتي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي ر??يو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪئي، هن ٻڌايو ته جرمن پرڏيهي وزير انا لينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏيهي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌايو ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.