اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لا??ِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رس??ي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر امدادي سامان يوڪرين جي سف??ر مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سف??ر مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي لا??ِ امداد موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سف??ر جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي لا??ِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.