اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين جي بالادستي ئي اسان جي منزل آهي، ڇو ته آئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جم??وريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف وڌڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جم??وريت تي حاضري جي موق??ي تي چئي. هن چيو ته آئين جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته جم??وري قوتن جي ملڪ ۾ جم??وريت جي بحالي لاءِ جم??وري قوتن کي آمريت دوران بي پناهه مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جم??وريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام ??يروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جم??وريت جي گمنام ??يروز آئين جي تقدس جي لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين کي آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن سان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ ??ي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان کي بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن کي وساري هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.