اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ??تا??ي ٿو، رمضان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته مون کي هر لمحي اهو احساس ??تا??يندو رهي ٿو ته معاشي بدحالي جي موجوده حالتن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسان ڇا ٿا ڪر?? سگهون. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ مليو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قيمت 550 ??پين مان گهٽ ڪر?? 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪر?? 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪر?? رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪر?? سگهون.