اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پ??ڪس??ان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد ??رو??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ انساني الميي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پ??ڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري ر??يو هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، انتهاپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پ??ڪس??اني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لا??ِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رڳو مسلمان ملڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام کان صوماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه، افغانستان مان اچي ر??يا آهن، اسان کي ان??رو??ي انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، مسلمان امت جي لا??ِ هي وقت آهي ته اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري، اسان کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ ترقي جي لا??ِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر جارحيت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.