لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم عم??ان خان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چوڌري شجاعت حسين کي جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري شجاعت حسين عيادت جي لاءِ اچڻ تي وزيراعظم عم??ان خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان ??وز??ار، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سالڪ حسي??، حسين الاهي کانسواءِ شافع حسين، راسخ الاهي ۽ منتها اشرف، محمد خان ڀٽي پڻ موجود هئا.