اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏ??هي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏ??هي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏ??هي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏ??هي وزارت جي س??نر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريع?? اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏ??هي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏ??هي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد ق??ام جي لاءِ پرعزم آهيون.