اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عبادتگاهن جي لاءِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اض??فو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر ??چي ٿي، جسٽس گلزار جهڙن ججن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته پارليامينٽ کي نون ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهر??ي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شف??ف بڻائي ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.