اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاق?? وزير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيه?? وزير ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم ش??هه محمود قري??ي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمود قري??ي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمود قري??ي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به رد ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسيمبلي جي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدوم ش??هه محمود قري??ي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيه?? وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.