اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مريءَ ۾ رستن تي سياحن جي افسوسناڪ فوتگين تي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ان جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس ??ريءَ ۾ سياحن جي فوتگين سبب سخت صدمو پهتو آهي، غيرمعمولي برفباري ۽ موسم جي ص??رتحال ڄاڻڻ کانسواءِ عوام پاران مريءَ ڏانهن وڃڻ سان اها صورتحال پيدا ٿي، غيرمعمولي ص??رتحال ضلعي انتظاميا کي به تياري جو موق??و نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت قاعدا ٺاهيا ويندا.