اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا انساني همدردي جي بنياد تي افغان رهواسين جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ وڌيڪ آساني جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان فيصلي کانپوءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهربل ڪليئ??نس جو مدو 30 ڏينهن کان گهٽ ڪري 15 ڏينهن ڪيو ويو آهي، افغان ع??ام جي ڀلائي ۽ امداد جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي اوز جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي ڏس ۾ حفاظتي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪا??ينا ويڪسي نيشن وڌائڻ، سماجي فاصلو برقرار رکڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن ڪورونا ويڪسين جي ٻي ڊوز ناهي لڳرائي. ڪا??ينا اپيل ڪئي ته اهي سمورا ماڻهو جلد کان جلد ٻي ڊوز لڳرائين ته جيئن ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. ويڪسين جي ٻي ڊوز لڳرائڻ کانپوءِ قوت مدافعت ۾ 17 ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو. وزيراعظم وفاقي وزيرن اسد عمر ۽ زبيده جلال کي جلد گوادر جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن گوادر جي عوام جي مسئلن جي جلد حل لاءِ سفارشون جوڙي سگهجن. اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪا??ينا اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي اي سي پي جي فيصلي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪا??ينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ملڪ جي سمورن پولنگ اسٽيشنن تائين پهچ ۽ استعمال ۽ عملي جي ٽريننگ جي حوالي سان شيڊيول تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪا??ينا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جا قانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن سان منعقد ڪرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪا??ينا کي ضرورت جي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.07 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. کنڊ، اٽو ۽ گهريلو استعمال جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. 9 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي، 23 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ويو ته خطي ۾ گيهه ۽ چانهه جي پتيءَ جي قيمتن کانسواءِ ٻين گهريلو استعمال جي شين جون قيمتون پاڪستان ۾ گهٽ آهن. انهن شين ۾ اٽو، چڻا، دال ماش، دال مڱ، ٽماٽا، بصر، چڪن ۽ پيٽرول شامل آهن. سنڌ ۾ ضرورت جي شين بشمول اٽو، کنڊ، کير، گيهه ۽ دالين جي وڌيڪ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ڪا??ينا پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي فضائي روٽ ۾ تبديلي جي منظوري ڏني. ان فيصلي سان فضائي فاصلي ۽ سفري خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. ڪا??ينا پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ فضائي سفر جي شروعات جي لاءِ قازق ايئر ڪمپني کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان فيصلي سان پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوسنئون هوائي سفر ممڪن ٿيندو ۽ گڏيل واپار ۾ مدد ملندي. پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪا??ينا هوابازي ڊويزن کي سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان فضائي سفر جا معاهدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪا??ينا پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ فضائي سفر معاهدي ۾ ترميم جي اجازت ڏني. ان فيصلي سان پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ ڪمرشل فلائيٽس ۾ اضافو ممڪن ٿيندو. ڪا??ينا پاڪستاني 10، 50، 100 ۽ 1000 جا پراڻا ڪ??نسي نوٽ تبديل ڪرڻ جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تائين واڌ جي اجازت ڏني. ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ ڀاڻ جي ڪا کوٽ نه آهي جڏهن ته ملڪ ۾ ربيع فصل جي لاءِ يوريا ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺ ڏنل منظوريون ڏنيون. سوئي ناردرن گئس ڪمپني يوريا پلانٽس کي جنوري 2022ع تائين گئس فراهم ڪندي، پاڪ عرب ۽ فاطمه فرٽيلائيزر پلانٽس کي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، اضافي 50000 ٽن يوريا درآمد ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ في ٻوري يوريا جي قيمت اٽڪل 1864 رپيا آهي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ في ٻوري 10000 رپين جي ح??اب سان وڪرو ٿي رهي آهي. موجوده حڪومت زراعت ۽ آبادگارن جي ترقي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قدم کنيا. ڪا??ينا کي ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪا??ينا کنڊ جي موجوده اسٽاڪ ۽ قيمت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کنڊ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن کي برقرار رکيو وڃي ته جيئن قيمتن ۾ استحڪام رهي. ڪا??ينا کنڊ سيڪٽر سڌارن جي حوالي سان قائم خصوصي ڪميٽي جي رپورٽ جون سفارشون ع??امي راءِ جي لاءِ جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. انساني همدردي جي بنياد تي افغاني رهواسين جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ وڌيڪ آساني جي اجازت ڏني وئي. ان فيصلي کانپوءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهربل سيڪيورٽي ڪليئ??نس جو مدو 30 ڏينهن کان گهٽ ڪري 15 ڏينهن ڪيو ويو آهي. افغان ع??ام جي ڀلائي ۽ امداد جي لاءِم ڪم ڪندڙ عالمي اين جي اوز جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي آسان بڻائن جو فيصلو ڪيو ويو. اهو فيصلو انساني همدردي ۽ افغانستان جي عوام کي امداد جي فراهمي جي ڏس م ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي رستي ٻين ملڪن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ افغانين جي لاءِ ڏنل سهولتن جي لاءِ وڌيڪ 60 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي. ان سهولت ۾ زميني ۽ فضائي رستن تان سفر شامل آهي. افغان ع??ام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي اوز جي اهلڪارن جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان (بنا سيڪيورٽي ڪليئ??نس) بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو فيصلو انساني همدردي ۽ افغانستان جي عوام کي امداد جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي. ڪا??ينا کي اوگرا جي سالياني رپورٽ سال 20 – 2019ع پيش ڪئي وئي. ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي پيٽروليم صنعت جي ڪا??ڪردگي، پيداوار، طلب ۽ پهچ ۽ پيٽروليم صنعت جي بهتري جي حوالي سان سفارشون ڏنيون ويون آهن. ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل جو 27 ڏينهن جو اسٽاڪ موجود آهي. ايڪسپلوريشن 75 لائيسنسن جي مد ۾ 29 ارب رپين جي آمدني ح??صل ٿي. ايل پي جي سلينڊرن جي سيفٽي معيار کي بهتر ڪيو پيو وڃي ۽ عوامي آگاهي مهم پڻ جاري آهي. ايل پي جي ڪمپنين کي 10 لائيسنس جاري ڪيا ويا، گئس چوري کي روڪڻ جي لاءِ آڊٽ ڪئي پئي وڃي، غيرقانوني پيٽرول پمس ۽ پلاسٽڪ جي ڪنٽينر ۾ پيٽرول وڪروڪندڙن جي خلاف ڪا??روائي ڪئي پئي وڃي. ڪا??ينا اداراجاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 24 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جنهن موجب نيشنل ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار فرٽيليٽي ڪيئر ڪراچي کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاپوليشن اسٽڊيز اسلام آباد ۾ ضم ڪيو ويندو. ڪا??ينا توانائي بابت ڪميٽي جي 20 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪا??ينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 10 ڊسمبر 2021ع ي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اي سي سي جي اجلاس ۾ سمال ۽ ميڊيم انٽرپرائيزز پاليسي 25 – 2021ع، ڪمرشل گئس ايلوڪيشن فارم، ميسرز يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان فيلڊز، لاهور ۽ سندر انڊسٽريل اسٽيٽ جي صنعتي صارفين جي لاءِ رعايتي ٽيرف جي لاءِ حڪمت عملي شامل آهي. ڪا??ينا سي پي پي پي اي جي چيف فنانشل آفيسر کي بطور سي اي او سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڪا??ينا انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي لاءِ اين ڊي ايم اي پاران امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني. پاڪستان حڪومت اڳ ۾ ئي ورلڊ فوڊ پروگرام تحت 200000 ٽن ڪڻڪ ۽ پاڪستان پاران اضافي 50000 ٽن ڪڻڪ جي امداد افغان ع??ام جي لاءِ فراهم ڪري چڪو آهي.